سر سنگھار

سر سنگھار: هي رباب ۽ سرود جو هڪ قسم آهي، پر هي ساز انهن ٻنهي سازن کان وڏو آهي. هي رامپور جي نواب قلب علي خان جي فرمائش تي ٺاهيو ويو. هن ۾ وڄت جي لاءِ اٺ تارون فولاد جون هونديون آهن، جڏهن ته طربون پتل جون هونديون اٿس. ڏانڊ تي نڪل جي پليٽ هوندي اٿس، ته جيئن آڱريون آسانيءَ سان ترڪي سگهن ۽ تارن کي ڇڪي سگهجي. لاپ جوڙ وڄائڻ لاءِ ڪافي موزون هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو